اسلام آباد: بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ نادراجي وچ ۾ڊائنامڪ رجسٽري تحت نئين سروي لاءِ ٻطرفو معاهدو طئي ٿئي ويو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ نيشل ڊيٽا بيس ائنڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي وچ ۾ اڄ اسلام آباد ۾ ڊائنامڪ رجسٽري تحت نئين سروي لاءِ ٻطرفو معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون ـ معاهدي مطابق نادرا پاران سڄي
ملڪ ۾ 647 ڊائنامڪ رجسٽري جي لاء آفيسون قائم ڪيون وينديون ـ بي آئي ايس پي پاران انهن عورتن لاءِ جيڪي پهرين سروي ۾ حصو نه وٺي سگهيون آهن، انھن لاء ڊائنامڪ رجسٽري تحت هڪ نئين سروي ڪرائي پئي وڃي ، هن سروي ۾ درخواست ڪندڙ پنهنجي گهر جي معلومات بابت ڪنهن به تبديلي کي فوري طور تي رجسٽر ڪري سگهن ٿا. انھي موقعي تي وفاقي وزير غربت ۽ سماجي تحفظ شازيه عطا مري جو چوڻ ھو ته بي آءِ ايس پي ۽ نادرا جي وچ ۾ انتھائي اثرائيتي پارٽنرشپ ڊگھي عرصي کان جاري آهي. معاهدي تحت نادرا مستحق خاندانن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِنئين رجسٽريشن لاءِ ڊيٽا فراهم ڪندو.شازيه مري چيو ته بي آءِ ايس پي ۽ نادرا جي وچ ۾ ڀائيواري مستحق خاندانن جي مستند ۽ نئي ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي. ھن چيو ته مستحق عورتن جي مالي مدد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ڪو به مستحق خاندان مالي امداد کان محروم نه رهندو ۽ جن مستحق عورتون کي سسٽم مان خارج ڪيو ويو ھو انهن سمورن کي نئين سروي جي بنياد تي ٻيهر داخل ڪيو ويندوـ چئيرمن نادرا طارق ملڪ چيو ته ڊائنامڪ رجسٽري جو مقصد نادرا جي انتظام ھيٺ 647 نون سينٽرن تي نئين درخواستگذارن ۽ پھرين کان ساڍا ٽي ڪروڙ گهراڻن جي سروي جي عمل کي شفاف بڻائڻ آهي،ـ طارق ملڪ چيو ته ڊائنامڪ رجسٽري ۾ درخواست گذارن جي ازدواجي حيثيت، معذوري، خانداني تفصيل ۽بائيو ميٽرڪ کي نادراڊيٽابيس موجب اپڊيٽ ڪيو ويندوـ چيئرمين نادرا چيو ته ڊائنامڪ رجسٽري جو نظام ڊيٽابيس جي مدد سان ناپسنديده شموليت يا خارج ڪرڻ جي غلطين جي نشاندهي پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاقي وزير شازيه عطا مري چيئرمين نادرا کي اپيل ڪئي ته گذريل دور ۾ بي آئي ايس پي مان ڪڍيل مستحق حقدار عورتن کي واپس آندو وڃي. ھن نادرا چئيرمين کي مختلف معذور ماڻهن جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاء پڻ چيو ويو
0 Comments